جاويد شاهه جيلاني

جاويد شاهه جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي سيد جاويد شاهه ولد غوث محمد شاهه جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد اختر شاهه آهي، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ايم. اي (صحافت) 1992ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. صحافت جي شروعات نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران روزاني ’سنڌ نيوز‘ حيدرآباد ۾ قمبر شهر جي نمائندي طور ڪيائين. جنهن کان پوءِ مختلف اخبارن: روزاني آفتاب حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، پاڪستان پريس انٽرنيشنل (P.P.I)، روزاني مهراڻ حيدرآباد، روزاني امن ڪراچي، روزاني بشارت ڪراچي، روزاني بختاور حيدرآباد، روزاني الک حيدرآباد وغيره جو نمائندو ۽ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف رهيو آهي. 1992ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ جاويد شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.14  عيسوي

جاويد شاهه جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي سيد جاويد شاهه ولد غوث محمد شاهه جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد اختر شاهه آهي ، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالاحد ابڙو ڊاڪٽر
سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
عبدالستار خان گبول
ٿامس هنٽ مورگن
چانڊيو احمد علي ’صابر‘
پير علي محمد شاهه راشدي
ڪمار شاهاڻي
راجيش کنا
ٻاٻيهو
احمد متقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون